ناسي پَکيءَ جو پَرُ ۽ نيرو هَوا جو رنگُ
ناسي
پَکيءَ
جو
پَرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ،
اُجرو
وَهي
پيو
جَرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
مون
۾
پيو
اڃان
ڀي
ھڪڙي
صديءَ
کان
کَڙڪي،
ھڪڙو
پُراڻو
دَرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
جنھن
طرف
ھو
شڪاري
بندوقَ
ساڻُ
بيٺو،
تنھن
طرف
ھو
وَڳرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
ھڪڙو
پھاڙُ
جنھن
جي
چوٽيءَ
تي
چنڊُ
چَمڪي،
ڳاڙهو
سندس
پَٿرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
جهنگلي
وَڻن
جي
ويجهو
هڪُ
نانگُ
ھو
لڪل،
هاريءَ
ڏٺو
پئي
هَرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
تصوير
۾
ليئو
مون
پائي
ڏٺو
ھو
جنھن
کي،
ننڍپڻ
سندو
شھر
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
نِيرين
رڳن
مان
وھندو
نِيرو
ڪري
ويو
ھو،
نيرو
هُيو
زهرُ
۽
نيرو
هَوا
جو
رنگُ.
غزل جي نمائندہ شاعرہ روبينہ ابڙو، 24 آڪٽوبر 1971ع تي لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳيريلي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. سندس غزل فڪري ۽ فني حوالي سان پختا ۽ پڙھندڙن کي متاثر ڪندڙ آھن. روبينہ جي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ۽ اڪامڪس...
ٽيڪا ٽپڻي
ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو