جو ٿَر ۾ ڏِٺو هوندَئي

جو ٿَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.
ٻُڏتَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

جنهن پيارَ کي ٺُڪرايو
ٺوڪَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

هڪ چهرو ئي هرڪنهن
منظر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

شيشي جي وڏائيءَ کي
پٿرَ ۾ ڏِٺو هوندَئي.

ڳولا ٿو ڪرين جنهن جي
دلبَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

هڪ پيارَ سِوا ڪُجھهُ نه
هِن گھَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

عيبن جُون ٻُڌي ڳالهيون
اندرَ ۾ ڏِٺو هوندَئي.

محبوبَن جي ڪاوڙ کي
خنجَر ۾ ڏِٺو هوندَئي.

author

نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آھي. 15 آگسٽ 1955ع تي سکر شھر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ بہ سندس تمام گهڻيون...

ٽِڪليُون

ٽيڪا ٽپڻي

ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو
Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait