وبائن جي زماني ۾
جڏھن
آھي
ملڻ
مشڪل،
وبائن
جي
زماني
۾،
ڀلا
پوءِ
ڪيئن
سنڀاليون
دل،
وبائن
جي
زماني
۾،
اڪيلو
ڪو
ھلي
ڪيسين،
اندر
جي
ريَت
آلي
آ،
پري
آ
پيار
جو
ساحل،
وبائن
جي
زماني
۾،
ٽڙن
ٿا
گل
برابر
پيا،
نہ
گجرا
ڪير
پوئي
ٿو،
ڪرائي
ڪا
نہ
آ
قاتل،
وبائن
جي
زماني
۾،
اڱڻ
تي
هوءِ
اڪيلي
هئي،
چميو
پئي
چنڊ
بادل
کي،
ستارن
پئي
ڪئي
جهلمل،
وبائن
جي
زماني
۾،
پکين
جا
ٽھڪ
ساڳيا
ھن،
چمي
موتيو
پيو
پوپٽ،
وساري
پاڻ
آھي
کِل،
وبائن
جي
زماني
۾،
کِنوڻ
جئين
تون
کڻي
ٻانھون
چوين
ها
خواب
۾
مرڪي،
منهنجا
محبوب
مون
سان
مِل،
وبائن
جي
زماني
۾،
ڪڏھن
ائين
ڪو
نہ
ھو
سوچيو،
نہ
ملندين
خواب
۾
مونسان،
سڄڻ!
ٿيندين
صفا
سنگدل،
وبائن
جي
زماني
۾
مرڻ
وارا
مري
ويندا،
پيا
جئيندا
جيئڻ
وارا،
ڪريو
پيا
پاڻ
کي
قائل،
وبائن
جي
زماني
۾،
ڊگهو
جيون
جيئڻ
ڪھڙو،
ويل
لمحو
حياتي
ھو،
زماني
جو
ڪيو
زائل،
وبائن
جي
زماني
۾،
ڀري
تون
جام
نيڻن
جا،
ڪندي
مڌهوش
هيئن
منڙو،
مچايون
سا
ڪٿي
محفل،
وبائن
جي
زماني
۾
سردار شاهه: مشھور شاعر، اديب ۽ سياستدان سيد سردار علي شاھ ،12 اپريل 1974ع تي ڳوٺ کاروڙي سيد، تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾، درگاھ کاروڙي سيد جي گادي نشين سيد علي مراد شاھ جي گهر ۾ جنم ورتو .سردار شاھ...
ھِن غزل بابت
هي شاعري ڪرونا وائرس دوران لکي وئي هئي.