اسان ئي ڪوي ڪاڪ ڪوتا جا راڻا
اسان
ئي
ڪوي
ڪاڪ
ڪوتا
جا
راڻا،
اسان
سان
ئي
مومل
ڪيا
موھہ
ماڻا.
اسان
ئي
اوندھہ
سان
الجھون
۽
اٽڪون،
اسان
جي
نہ
ڏات
جا
ڏيئا
اُجھاڻا.
اسان
کنڀ
کوھي
نہ
خيالن
جا
ڇڏيا،
اسان
جي
اندر
جا
عقاب
اُڏاڻا.
اسان
تہ
ڀٽائي
ءَ
سندا
شعر
ڳايا،
اوھان
ئي
پڙھو
پيا
پرايا
پراڻا.
نڪي
در
ڌارئين
ڪنھن
جو
جھليوسين،
نڪو
نوسياسين
وڃي
نام
ناڻا.
وساريا
نہ
آھن
اسان
وڻ
وطن
جا،
ڀُلياسين
نہ
دودي
۽
ڀونگر
جا
ڀاڻا.
نڪي
لوڀ
لالچ
اسانکي
نمايو،
نڪي
بيت
دوھا
اسانجا
وڪاڻا.
کڻي
ٻاٽ
۾
لاٽ
واٽن
کي
وؤڙي،
اسان
ئي
پرھہ
جا
ڪيا
ھن
پڇاڻا.
سڀئي
سنڌ
تنھنجي
تسبيح
پڙھن
پيا،
”حسن“
سي
نہ
ھر
دم
آھن
اياڻا.
نئين ٽهيءَ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جي نمائنده شاعر حسن درس جو جنم، 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾، حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ ٿيو. حسن درس جا وڏا اصل ۾...
ٽيڪا ٽپڻي
ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو