اڃا ھن سنڌ ۾ اچڻا نہ ڄاڻا ڪيترا آھن

اڃا ھن سنڌ ۾ اچڻا نہ ڄاڻا ڪيترا آھن،
بلاول ڪيترا آھن ۽ گهاڻا ڪيترا آھن.

رڳو تو آ ٻڌو نالو تماچيءَ ڄام ھڪڙي جو،
مگر عاشق تہ نوريءَ تي مھاڻا ڪيترا آھن.

بندوقن کي سُتي سُرمون وجهي اڳتي اڏامي ويا،
پکين کان پنڌ ۾ توڙي پڇاڻا ڪيترا آھن.

نہ مون کي ڳول شھزادي، وڏي آ سنڌ جي وادي،
اسان رمتن فقيرن جا ٺڪاڻا ڪيترا آھن.

امڙ جي ٿڃ ٿوڪاري، ڀٽونءَ جا ڀاءُ سڀ جاڙا،
چنيسر جي قبيلي مان وڪاڻا ڪيترا آھن.

ڏسين ٿو لاڙ جي پٽ ۾ گلابي موملون آھن،
جنين جا ڌُو چريا عاشق بہ راڻا ڪيترا آھن.

اڙي ڪانئر! اڃا تائين ٻرون پيا ٻاٽ ڪاريءَ ۾،
کڻي ان واٽ تي ڏيئا وساڻا ڪيترا آھن.

پرينءَ جو جيءُ چوڻ ھر ڪنھن آھي جيئرو رکندو،
پرينءَ کي موھي مارڻ جا بہ ماڻا ڪيترا آھن.

author

ٽِڪليُون

ھِن غزل بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait