وڏو پيو انقلاب اچي

ھلو تہ يار حّق جي، حقيقتن مٿي ھلو،
ڊڄو نہ ڪنھن بہ ڊاءُ کان وڏيون وڏيون وِکون وجهو،
نہ ھاڻ منزلون پري، اي سرفروش ساٿيو،
اِجهو ٿا ماڳ تي رسو، اِجهو ٿا ماڳ تي پُڄو،

اِجهو ھي ڪوٽ ڪوڙ جا، ڀڄي ڀُري ڪري پيا،
اِجهو ھي ڏاڍ جا هنئيان، ڏڪي ڏڪي ڏري پيا،
اوهان جي همّتن اڳيان، وڏا وڏا جُهڪي پيا،
اوهان کان جابرن سندا، جگر جَلي ڏڪي پيا،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

ڊڄو نہ ھاڻ ساٿيو ڪنھن، رئيس خان مير کان،
ڊڄو نہ ڪنھن مُلان، مِئين فقير، شيخ، پير کان،
ڊڄو نہ ھاڻ دوستو، ڪنھن ڪان توب، تير کان،
ڊڄو نہ جيل بند کان، ڊڄو نہ چھڪ چير کان،

اُٿو ۽ شينھن ٿي اُٿو، ها! حق لئي لڙو لڙو،
ها حّق لئي لڙو لڙو ۽ مڙس ٿي وڙهو وڙهو،
اچي جو سامهون انهيءَ کي، صاف صاف سّچ چئو،
ڊڄو نہ منهنجا دوستو، ڊڄو نہ منهنجا ساٿيو،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!
سڄي ھي ھڙ ڦُري ويا، ڀلا ڇڏيو اٿن بہ ڇا؟
کڻي ويا کيٽ چيٽ سڀ، ڇڏيئون نہ ڪي ڍنڍون دُٻا،
ڪيائون پاڻ سان تہ يار، ڪربلا ئي ڪربلا،
پٽي ويا ماس جسم تان، رڳا وڃي ڇڏيئون ھڏا،

انهيءَ تہ زندگيءَ ڪنان، آ موت سوءَ دفعا ڀلو،
جتي نہ ليڙ لِڱ تي، جتي آ پيٽ پالهو،
جتي نہ زندگي ملي، جتي نہ موت جو بِلو،
انهيءَ ڪري تہ ڀائرو! اچو ۽ ڏاڍ سان لڙو،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

ٻري اندر ٻچا ٻرن، اِها بہ زندگي ڀلا،
۽ سيءَ ۾ ڪَلِها ٺرن، اِها بہ زندگي ڀلا،
ڳڀي جي لئي پيا ڳرن، اِها بہ زندگي ڀلا،
ٿا موت ري مٺا مرن، اِها بہ زندگي ڀلا،

جتي نہ تيل سينڌ ۾، سُهاڳڻيون وجهي سگهن،
جتي نہ ڌيئرون ڪڏھن، خوشيءَ منجهان کِلي سگهن،
جتي نہ ڀينرون ڪڏھن، “بُرن” ڪنان بچي سگهن،
اڃان بہ غيرتون نٿيون، ڇو غير ڏانھن وڌي سگهن،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

ھي پنھنجا ٻار بُک کان، ڳري ڳري ھڏا ٿيا،
ھي پنھنجا ٻار تپ ۾، جلي جلي جڏا ٿيا،
ھي پنھنجا ٻار پيٽ لئي پِني پِني وڏا ٿيا،
هُنن جا ٻار ڍءُ ڪنان مچي مچي ڍڳا ٿيا،

هُنن جون بيگمون وجهن، رڳو ئي ريشمي وڳا،
هُنن جي گهر رجهن پيا، سدائين ڪورما ڀُڳا،
۽ پنھنجي گهر رجهن ڪڏھن، ڪڏھن ٿا ڊينڊ ۽ کڳا،
اڃا بہ قوم جا ابا، ڪُهڻ جي لئي اچن ڀڳا،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

اسان کي پِيڙهين ڪنان، ڦُريو، ڦَٽيو، لُٽيو ويو،
اسان کي پنھنجي گهر ۾ ميان، ڪُڏي ڪُڏي ڪُٽيو ويو،
اسان کي گرھ گرھ مٿي، گُهٽا ڏيئي گُهٽيو ويو،
اسان جي ٻار ٻار کي، ٻڌي ٻڌي ٻُٽيو ويو،

اسان تي ڪيس، ڪيس ۽، اسان لئي جيل بند ٿيا،
اسان لئي سور سوُريون، اسان جا سُڪ سَنڌ ٿيا،
اسان تي قھر ٿيا وڏا، اسانجا قيد ڪنڌ ٿيا،
اڃا بہ ظالمن سندا، اسان تي تيز ڏند ٿيا،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

وڏيرا پاڻ ۾ ڏسو، تہ ڪيئن نہ ويا، رِلي مِلي،
وساري دُشمنيون ڇڏيئون، ملن پيا کِلي کِلي،
وڏا سي دوست ٿي ويا، هيئنر صفا دِلي دِلي،
اوھين بہ اي غريب، سڀ وڃو ائين رلي ملي،

تڏھن تہ ظلم ڏاڍ کي، ڏنڊا ھڻي ڏڪائبو،
تڏھن تہ رهزنن کي ميان!، ھتان تڙي ڀڄائبو،
تڏھن تہ مان ملڪ ۾، غريب جو وڌائبو،
تڏھن تہ ڪوٽ ڪوڙجو، ھي ڊاهبو ڙي ڊاهبو،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حَرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

ڪُٺو آ قوم کي جنين، اُنهن کي لعنتون ڏيون،
ڪُٺو آ قوم کي جنين، اُنهن جي رتّ کي پيون،
غدار، قوم کي ڀلا، وري بہ ساٿ ڪيئن ڏيون؟
مرون تہ مرد ٿي مرون، جيئون تہ جُنگ ٿي جيئون،

اُٿو ن تہ شينھن ٿي اُٿون، هلون تہ بس ھليا هلون،
وڌون تہ واءُ ٿي وڌون، ڪري نہ ڪو سگهي جهلون،
۽ ظالمن جي جسم تان، ڇڪي ئي لاهبيون کَلون،
گهڻائي ڏينھن اُنهن ڪيا، اسان سان ڪوڙ اٽڪلون،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

ھي وقت جي ويو تہ پوءِ، وري بہ قيد ڪاٽبا،
ھي وقت جي ويو تہ پوءِ وري بہ مڙس ماربا،
وري بہ راڄ پوربا، وري بہ لُڙڪ هاربا،
وري بہ پيڙھيون ڇٽيون وري بہ نسل پيڙهبا،

وري بہ مائڙيون ھتي، مصيبتن ۾ ڦاسنديون،
وري بہ ڌيئرون گرھ، گرھ مٿي وڪامنديون،
وري بہ ڪيتريون اديون، ڙي کورين ۾ کامنديون،
وري بہ ڪيتريون دليون، اُجهامنديون وِسامنديون،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

ھي وقت جي ويو تہ پوءِ، وري بہ ڪئين مصيبتون،
ھي وقت جي ويو تہ پوءِ، وري بہ ڪئين آفتون،
وري بہ ڪئين علامتون، وري بہ کوڙ شامتون،
وري بہ ظالمن سنديون، اسان تي ڪئين عَقوبتون،

گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ٿينديون، وري بہ مارا ماريون،
وري بہ خونريزيون، وري بہ جام گاريون،
وري بہ چوريون ھتي، وري بہ ٿينديون زوريون،
انهيءَ جي لاءِ ڀائرو! اچو تہ اڄ ڪي اوريون،
اُٿو تہ جنگ جوٽيون، حرام خور شوم سان!!
وڏو پيو انقلاب اچي، وڏي ڪنھن ڌام ڌوم سان!!

author

سرويچ سجاولي (اصل نالو: محمد صديق ولد خميسو خان تارڙو) 14 مارچ 1937ع تي ڳوٺ ابراهيم تارڙي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ پڙهائي جو سلسلو رڪجي وڃڻ بعد پيءُ سان گڏ هارپو ۽ مال چارڻ لڳو، پر پاڻ کي...

ٽِڪليُون

ھِن گيت بابت

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait