پڙھڻ پڙجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير

پڙھڻ پڙجهڻ پاڻ ۾، وڏو فرق ڦير،
ڪاڏي منھن محبوب جو، ڪاڏي اکر اير،
ساڻ سَھائي سچ جي، ڇا موافق ٿيندو مير،
جن صحي سڃاڻو پير، ”روحل“ رات نہ تن کي.

author

روحل فقير ولد شاهو خان بلوچن جي زنگيجا قبيلي مان هو. اندازًا ۱۷۳۴ع ۾ تولد ٿيو. سندس وڏا تعلقي عمر ڪوٽ ۾، مومل جي ڪاڪ لڳ، “پدما جي ڀٽ” ۾ ويٺل هئا. سندس والد شاهو خان، ميان نور محمد وٽ...

ٽيڪا ٽپڻي

ھيستائين ڪوبہ تبصرو ناھي ڪيل پنھنجِي راءِ ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو
Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait