گهڻو پسند ڪيل شعر

فلسطيني ڪيمپ ۾ بُکَ سندو راڪاسُ،
کائي ماڻهوءَ ماسُ، ڪونہ سُڃاڻي ڪنھن کي.

ادل سومرو

ويري! تنھنجو وسُ آ، منهنجا خواب اُجاڙ
سنگ نہ منهنجا ساڙِ، ھي جي نسريا پوک ۾.

ادل سومرو

شام لٿي آ ڳوٺ تي، پر نہ پکي آيا
شايد ڦاسايا، مارين مڪر فريب سان.

ادل سومرو

شام لٿي ا ڳوٺ تي، جليو ڪٿ نہ ڏيئو
پاتو ڪنھن نہ ليئو، نہ ئي ٻارن ٻوليو.

ادل سومرو

روئندي رات کُٽي، لُڙڪَ سُڪا ھر اک جا
ڳاڙهي باک ڦُٽي، گوپانگن جا ڳوٺ ۾.

ادل سومرو

گوليون گوپانگن کي، مسجد منجھ لڳيون
حيوانن کڳيون، ھنيون وڏيءَ ھيج مان.

ادل سومرو

سفر منجھ شھيد، ٿيا مسافر ڏيھہ جا
اڄُ بہ آھن يزيد، هٿيارن جي ڇانوَ ۾.

ادل سومرو

زخمي بس جي شيشن تي، رتُ جي گلڪاري
ساري سواري، گولين سان وئي گھائجي.

ادل سومرو

ڌرتي تنهنجا گُل، بوٽن ھيٺ لتاڙيا
پرمل ۽ ٻاگھُلَ، ڪيئن پائينديون گجرا.

ادل سومرو

مُند نہ ڪائي موت جي، پِڙَ جو موت ڀلو
هلندا ھوت ھلو، سونھن سڏي ٿي پاڻ کي.

ادل سومرو

جيڪي اڄُ ٿيو، وري نہ ٿيندو ھيل
ڌرتيءَ جا ڌاڙيل! ڏيھہ سڃاتو توکي.

ادل سومرو

سُک ۽ سُرهاڻ جُون گھُلن هوائُون
گھوٽَ لهن لائُون، سدا پنھنجي سنڌ ۾.

ادل سومرو

شامون سانوڻ رُتَ جون، سنڌوءَ ڪنارا
بادل وسڪارا، چؤڏس مھڪ گُلاب جي.

ادل سومرو

چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ‌ جي، نور ڀري نيراڻ،
آيو پرين پاڻ، چمڪيا چنڊ زمين تي.

شيخ اياز