awhan neehan laai poi nata kattiya

awhan neehan laai poi nata kattiya,
asan pahinje peran taan naahyoon hattiya.

اسان کان ضميرن جو سودو نہ ٿيندو،
اوهان مان ڄَمي ڪو جوڌو نہ ٿيندو،
چنيسر ڪڏھين بي دودو نہ ٿيندو،
مگر عشق اسان جو ٻودو نہ ٿيندو،
اوهان تہ ھر پاپيءَ جا جُوتا چَٽيا،
اسان پنھنجي پيرن تان ناهيون هَٽيا.

وڏي ڏينھن ٻُڌوسين وِڪاڻا ٽڪن ۾،
انڌا گونگا ٻوڙا ۽ ڪاڻا ٽڪن ۾،
وقت کان اڳي ئي وِساڻا ٽڪن ۾،
ڏيئا ٿي نہ ٻَريا اُجهاڻا ٽڪن ۾،
مُفادن جي پويان هِنِ جيڪي مَٽيا،
اسان پنھنجي پيرن تان ناهيون هَٽيا.

گھڻن مڙس ماڻهن جا پَٽڪا ڏُري ويا،
ڪري خوار پنھنجي پراڻي پُري ويا،
ڪني جو تہ رڳو مڻڪا جُھري ويا،
رکي پاڻ پنھنجي نڪ تي ڇُري ويا،
جني ڪالھہ ھئا ھت شھپر وٽيا،
اسان پنھنجي پيرن تان ناهيون هَٽيا.

author

Imam Ali Janjhi, a renowned Sindhi poet, was born on March 15, 1975, in Wakrari village, Islamkot Taluka, Tharparkar District. He completed his education up to intermediate level at Model School, Mirpurkhas. Active in Sindhi literary and social organizations, he...

About this Nazam

Name of Audio Singer - Name of Ghazal or Bait